چاڪر خان جسڪاڻي

چاڪر خان جسڪاڻي: شهيد چاڪر خان ولد محمد خان جسڪاڻيءَ جو تعلق ڳوٺ جسڪاڻي، تعلقي ڪوٽڏجي، ضلعي خيرپور ميرس سان هو. سندس خاندان جا پويان اڄ تائين ساڳئي ڳوٺ ۾ رهن ٿا. هي ڳوٺ ڪلهوڙن جي حڪومتي دؤر کان وٺي اڄ تائين آباد آهي. پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي لکي ٿو ته: شهيد چاڪر خان، شهيد عالم خان مريءَ جو گهاٽو دوست هو، سندن وچ ۾ دوستي ۽ پيار جو مضبوط رشتو هو. کرڙيءَ واري جنگ ۾ هي ٻئي گڏ شهيد ٿيا. پاڻ پنهنجي سنڌي قوم ۽ وطن جي حقيقي آزاديءَ لاءِ شهيد ٿيا. بهادر ۽ ارڏي جوڌي جوان چاڪر خان سنڌ جي ويرين تي پنهنجي تلوار وڄ وانگر ورائي، پنهنجي بلند حوصلي ۽ همت سان کرڙيءَ جي ميدان تي جنگ ۾ ويڙهه ڪندي شهادت ماڻي. سندس اهڙي بهادراڻي ڪردار تي خليفو نبي بخش قاسم لکي ٿو ته:
ڪنائر سندي ڪن تي، ٻولي هڏ مَ ٻُنڌ،
مر ته موچارو ٿئين، هي نه موٽڻ مند،
ڪڇن منجهان ڪُند، پٽي ڪڍ پٺاڻ کي
شهيد چاڪر خان جسڪاڻيءَ کي ”شهيدن جي مقام“ ۾ دفن ڪيو ويو آهي، جيڪو قبرستان ڳوٺ جسڪاڻيءَ تعلقي ڪوٽڏيجيءَ جي اتر طرف آهي، اهو قبرستان سنڌ جي شهيدن جو يادگار آهي. هن قبرستان ۾ سوين کرڙيءَ جي شهيدن جون تربتون آهن. هن وقت شهيد چاڪر خان جي قبر جو ڪو به نشان موجود نه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو